سلائي مشين

سلائي مشين

سلائي مشين

سلائي مشين

سلائي مشين

سلائي مشين

سلائي مشين

سلائي مشين (Sewing Machine): ڪپڙي يا چمڙي جي ٽڪرن کي ڌاڳي وغيره جي ٽانڪن ذريعي جوڙڻ لاءِ ڊزائين ڪيل مشين. سلائي مشين پراڻين ايجادن مان هڪ آهي. پهرين سلائي مشين جا پيٽنٽ برطانيه ۾ جرمن چارلس Weisenthal کي 1755ع ۾ جاري ڪيا ويا، پر قديمي آثارن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ماڻهو 20 هزار سالن کان هٿ سان سلائي ڪري رهيا آهن. پهريان سيون جانورن جي هڏن مان ٺاهيون وينديون هيون، پوءِ چوڏهين صديءَ ۾ لوهه جون سيون استعمال ڪيون ويون.
سلائيءَ جي ميدان ۾ وڏو ڪم 1804ع ۾ ٿيو، جڏهن فرانسيسي حڪومت ٿامس سٽون کي سلائي مشين لاءِ پيٽنٽ جاري ڪيا. ڪجهه عرصي کان پوءِ هي ايجاد نظر انداز ڪئي وئي. 1818ع ۾ جان ڊوج ۽ جان نولو پهرين آمريڪي سلائي مشين ايجاد ڪئي. ڪجهه عرصي کان پوءِ 1830ع ۾ هڪ فرانسيسي درزي پهرين ڪم جهڙي مشين ٺاهي.
1834ع ۾ آمريڪي موجد والٽر بنٽ کي به ان صورتحال سان منهن ڏيڻو پيو. هن جي مشين سڌي سلائي ڪرڻ واري ۽ ڀروسي جوڳي هئي. 1846ع ۾ ايلياس هووي سلائي مشين ايجاد ڪئي، هي مشين سٺي هجڻ باوجود عملي حيثيت اختيار نه ڪري سگهي، ڪجهه ماڻهن جي ايجاد ڪيل طريقي کي اختيار ڪيو ۽ بهتر بڻايو. ان طريقي جي بنياد تي آئرڪ سنگر ۽ ايلن ولسن ڦرندڙ بڪ شٽل ٺاهيو. سنگر جي ايجاد ڪيل طريقي پهريون ڀيرو سلائي مشين کي واپاري لحاظ کان ڪامياب بڻايو. هووي سنگر خلاف ڪيس داخل ڪيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته سنگر جي مشين ۾ به هن جي ايجاد ڪيل لاڪ اسٽچ وارو طريقو استعمال ڪيو ويو آهي، 1854ع ۾ هووي سنگر خلاف ڪيس کٽي ته ورتو پر سلائي مشينن جي وسيع پيماني تي تياري شروع ٿيڻ ۾ ڪافي عرصو لڳو. پهريان سلائي مشينون ڪپڙن جي فيڪٽرين ۾ استعمال ٿيون، 1889ع ۾ گهريلو استعمال لاءِ مشين ٺاهي وئي. 1905ع ۾ بجلي تي هلندڙ سلائي مشين وسيع پيماني تي استعمال ٿيڻ لڳي. 1854ع کان 1867ع تائين جي وچ واري عرصي ۾ هووي پنهنجي ايجاد مان 20 لک ڊالر ڪمايا. آمريڪي سول جنگ دوران هن يونين آرمي جي انفنٽري ريجمينٽ کي هٿيارن لاءِ وڏي رقم ڏني. اڄ سلائي مشين ترقي ڪري مختلف صورتن ۾ اسان وٽ موجود آهي. پاڪستان ۾ سنگر، برادر، سليقه، جوڪي ۽ ٻين ڪمپنين جون سلائي مشينون استعمال ٿين ٿيون


لفظ سلائي مشينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو